نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀ??و زرداري افغانستان ۽ ان کان ٻ??هر پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي. ??رڏ??هي وزارت پاران جاري بيان موجب ??رڏ??هي وزير بلاول ڀ??و زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??رڏ??هي وزير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سميت افغانستان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن افغانستان سان ٻ??رفي ڳالهين جي حمايت سان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغانستان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، ??رڏ??هي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. افغانستان جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.
عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا ضروري آهن، هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی