اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم ا??رنگزيب وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستان جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي، گذريل 75 سالن ۾ پاڪستان جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پاڪستان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وز??راعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي ??يشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر قومي اهميت جي انهن مسئلن تي ??ومي بياني?? جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بياني?? جوڙڻ ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ان جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم ا??رنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ڏنو. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيون، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ هدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صوبن جون صحيحون به آهن، انهن هدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بياني?? جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ بياني?? جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
مريم اورنگزيب پاران وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria