آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳا??ن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪا به جاگرافيائي سياسي تبديلي اسان جي لاڳاپ?? تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان کي مستقبل ۾ پنهنجي لاڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ شنگهائي تعاون تعاون (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن، توانائي جي شعبي، اهم علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي خصوصي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جو احاطو ڪندي وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ انهن لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهي. وزيراعظم واپار، توانائي، دفاع ۽ سلامتي سميت گڏيل ل??ڀ جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي تعاون جو ايندڙ اجلاس جلد ماسڪو ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم روسي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم صدر پيوٽن کي ٻيهر روس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ روس وڌيڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته توهان سان ملاقات ڪري سٺو لڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا روس سان گڏيل ل??ڳاپا آهن، پاڪستان ۽ روس وڏي عرصي کان دوست ملڪ آهن، اسان کي مستقبل ۾ لاڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڪستان جا روس سان پراڻا ۽ ڪاروباري لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آئون توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن انهن لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان توهان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهو?? ٿا ۽ گڏيل واپار کي فروغ ڏئي سگهو?? ٿا جيڪو هن وقت هڪ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي درخواست تي توهان پاڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو، روس کا?? تيل جي سپلائي اسان کي موصول ٿي آهي اسان ان کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيو?? ٿا. هن چيو ته اسان جا لاڳاپا مضبوط بنياد?? تي ٻڌل آهن ۽ ڪا جاگرافيائي سياسي تبديلي انهن لاڳاپ?? تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ٻين ملڪن سان لاڳاپا اسان جي لاڳاپ?? تي اثرانداز ٿي سگه?? ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس سان پراڻا ڪاروباري رابطا آهن، اسان کي مستقبل ۾ انهن لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گذريل ملاقات ۾ به مون توهان سان ذڪر ڪيو هو ته 60ع ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ اسان بارٽر سسٽم تحت واپار جي شروعات ڪئي هئي ۽ اسان اڳوڻي سوويت يونين کان مشينري ۽ ٻيون مصنوعات برآمد ڪندا هئاسين ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات درآمد ڪندا رهيا آهيون، اسان کي مالياتي ۽ ٻيا بئنڪاري مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، روس سان بارٽر سسٽم تحت واپار کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو پاڪستان جي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان سان اسان ڪيترن ئي ٻين مسئل?? تي ضابطو آڻي سگهو?? ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ۽ پاڪستاني قوم پاران آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان روس سان لاڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيو?? ٿا. ان موقعي تي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو ته توهان سان ٻيهر ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻه سال اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ مليا هئاسين، اسان ٻطرفن معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي ڪري ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. روس جي صدر چيو ته توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان پنهنجي تعاون کي وڌائي سگهو?? ٿا، غذائي تحفظ جي شعبي ۾ به پاڪستان سان تعاون وڌائينداسين.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن پاران واپار ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق، وزيراعظم پاران روس جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ