اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ خوشحال معاشري جي جو??جڪ جي لا??ِ تعليم کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لا??ِ تعليم جي شعبي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ مالياتي بجيٽ ۾ ان تعليم جي شعبي جي لا??ِ وڏي رقم رکي آهي. هن تعليم حاصل ڪرڻ جي اهميت بابت اسلامي تعليمات جو پڻ حوالو ڏنو. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد ۽ مدد جي لا??ِ وقف ٻين تنظيمن ۽ ادارن کي پڻ ماڻهن کي درپيش مالي، صحت ۽ تعليم جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جن کي پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جهڙين تنظيمن جي ذريعي قائم ڪيل مثالن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد اسحاق ڊار عوامي ڀلائي جي لا??ِ پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ايسوسيئيشن ضرورتمند ۽ مستحق ماڻهن جي مدد جي لا??ِ پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تنظيم شاگردن کي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم کانسواءِ اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي جيڪو نه رڳو هڪ بهتر قدم آهي پر انسانيت جي حقيقي خدمت آهي جنهن جو آخرت ۾ بي پناهه اجر آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ته وزارت ۾ اهڙي سوچ موجود آهي جيڪا هڪ خاندان وانگر آهي. پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن بيواهن ۽ اقليتن کي ڪيترين ئي اسڪالرشپ ۽ ٻي مالي امداد کانسواءِ ٻارن کي اسٽيشنري ۽ اسڪول بيگ فراهم ڪيا آهن جڏهن ته ان قدرتي آفتن کان متاثر علائقن جي لا??ِ پڻ تعاون ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2020ع دوران هن يتيمن جي ڪفا??ت جي لا??ِ ٻه تنظيمون قائم ڪيون جتي 100 جي لڳ ڀڳ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻيو ادارو تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ تعليم کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر