اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي سندس ايصال ث??اب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ڊي جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ??ه ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البدل نه آهي. هن چيو ??ه مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔