گڏيل قومون-24 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي قبضي تحت ڪشميرين جي مايوس ڪندڙ حالت تي رو??ني وجهندي تڪراري علائقي ڪشمير ۾ ڀارت طرفان جي 20 اجلاس ڪوٺائي صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪئي. گڏيل قومن ?? پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن ڪراس فائر ۾ ڦاٿل ڪشميري عوام جي سلامتي ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ خوراڪ ۽ ضروري خدمتن تائين پهچ بابت مسئلن کي ??ل ڪرڻ تي بحث دوران چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم جز آهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ رو??گار جي ذريع?? تي مسلسل قبضو ڪري ڪشميري?? تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي. تنهن ڪري اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته جي 20 نمائندن جي گروپ ۾ اڪثر پاڻ کي ڄمون ڪشمير ۾ صورتحال معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور جي پيش ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۾ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. ان سلسلي ?? پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي اقليتي معاملن جي خصوصي نمائندي فرينڊ ڊي ورينس جي تازي لفظن جو حوالو ڏنو جنهن فوجي قبضي واري علائقي ۾ صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش جي خلاف خبردار ڪيو، جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي يوڪرين جنگ جي اثرن ۽ غذائي تحفظ تي پابندين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسود سمنڊ اناج راهداري قدم کي ??اراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان معاهدي تي ايمانداري ۽ مڪمل طور تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي معاهدن جي اصولن موجب يوڪرين ۾ جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو.
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک