بيروت-28 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگيرن هال??نڊ جي ??فارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي ??زادي جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو تقريبن 3 مهينن کان هال??نڊ ۾ حراست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ سفير کي ابو راشد جي ??مداد مان فائدو کڻندڙ خاندانن طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ سيڪيورٽي عملدارن گذريل جون ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تحريڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ عملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي مدد سان حماس کي 5.5 ملي?? يورو منتقل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ عملدارن ابو راشد کي بنا ڪنهن ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ۾ رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ