غز?? -27 نومبر (اي پي پي)اسرائيل طرفان غزه ۾ امدادي سامان جي فراهيم جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ هڪ فلنگ اسٽيشن تي گئس سلي??ڊر حاصل ڪندڙ شهرين جون قطارون 2 ڪلوميٽرن تائين ڊگهيون ٿي ويون آهن. الجزيره مطابق اها ڳالهه فلسطين ۾ گڏيل قومن جي انسا??ي همدردي تحت ڪم ڪندڙ اداري (يو اين او سي ايڇ اي) طرفان جاري بيان ۾ چئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ماڻهو کاڌو پچائڻ لاءِ گئس سل??ڊر ٻيهر ڀرائڻ لاءِ 2 ڪلوميٽر ڊگهي قطارن ۾ سڄي رات بيٺا رهيا. اهي لائيون ڏکڻ غزه جي خان يونس ۾ هڪ فلنگ اسٽيشن ٻاهر ان وقت لڳيون جڏ??ن اسرائيل 7 آڪٽوبر کان پوءِ پهريون ڀيرو غزه ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گئس سميت امدادي سامان داخل ٿيڻ جي اجازت ڏ??ي هئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری