اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ??رڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت تيل ۽ گئس جي ڳولا، ريفائنرين، ت??ل ۽ گئس ذخيرو ڪرڻ، پائيپ لائينن جي تعمير، ايل پي جي ۽ ايل اين جي جي شعبن ۾ پاليسي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ??رڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويندا، ت??ل ۽ گئس جي ڳولا ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف ا??ارن کان منظوري وٺڻ جو عمل 24 کاتن کان گهٽ ڪري 14 کاتن تائين ڪيو ويو آهي. روڊ ميپ جو اعلان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خصوصي معاون نديم بابر وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ بجلي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم