اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي ميڊيا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن ت??ئين محدود نه پر ميڊيا جي سمورن شعبن جي حقن جي ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن جي عڪاسي ڪندي، ميڊيا سان گڏجي ميڊيا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ حقيقتن ۽ فرضن جي وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، ميڊيا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر?? جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.
ميڊيا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ قومي ميڊيا پاليسي آڻي رهيا آهيون: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز