اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي و??ير سيد فخر امام چي?? آهي ته درآمد ٿيل ڪڻڪ جي 66 هزار ٽ?? جي پهرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي و??ي آهي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پهرين ئي قيمتن ۾ سئو کان ڏيڍ سئو روپين تائين گهٽتائي اچي و??ي آهي، سيپٽمبر تائين 4 لک 88 هزار ٽ?? جا چار جهاز پاڪستان پهچي ويندا جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ قيمتون مستحڪم ٿي وينديون، مستقبل ۾ ان بحراني ڪيفيت کان بچڻ لاءِ، ننڍي، ڊگهي ۽ وچولي مدي و??ري حڪمت عملي هينئر کان اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، معياري ۽ خالص ٻجن جي نشاندهي جو آغاز ٿي وي?? آهي، جنهن جي نشاندهي بروقت ڪئي ويندي ته جئين دهان، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي و??يرن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪي??. ا?? موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته درآمد ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي ۾ لنگر انداز ٿي و??ي آهي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪڻڪ پهچي ويندي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي و??ي آهي، وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ لاٿ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي?? آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جنهن هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتن ۾ اضافو ڪيو ۽ عوام سڌو سنئون متاثر ٿي، ڪووڊ هجي يا ڪا ٻي بحراني صورتحال سنڌ حڪومت سدائين مسئلن تي سياست ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناهلي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ان جو الزام وفاق تي لاڳو ڪيو، وفاق 14 کرب کان وڌيڪ جيڪي فنڊ سنڌ کي ڏنا، اهي ڪٿي لڳايا ويا انهن جو جواب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي شهري علائقن کانسواءِ ٻهراڙي جي صورتحال خراب آهي، هن لاڙڪاڻي کي ڪراچي بڻائڻ بدران ڪراچي کي لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا حڪمران بي نقاب ٿي رهيا آهن، نواز شريف جن ڪيسن ۾ گهربل آهي جنهن عرصي لاءِ کيس ضمانت ڏني و??ي هئي هن قانون کي سرِعام مذاق اڏايو ۽ لنڊن جي کلي فضائن ۾ ڪافي پئي رهي?? آهي، کيس واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
درآمد ٿيل ڪڻڪ جي 66 هزار ٽن جي پهرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي: شبلي فراز/ سيد فخر امام
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں