حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو م??ڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين و??ي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان و??و مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چي?? ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇ?? ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ذريعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي?? ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چي?? ته چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.
پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب