اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ??ي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ ??ي لاءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آهي، قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اس??ندڙ ملڪن جي پسماندگي جو سبب انهن جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آهي، اولهه ملڪ اسلامي فلاحي نظام جو اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ته مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، اولهه کي باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو اسلام سان ڪو ??علق نه آهي، عالم سڳورن کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ ??ي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم سڳورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرحمان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪر??ار رهيو آهي، عالم سڳورن باباءِ قوم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ ??ي لاءِ ڀرپور ڪر??ار ادا ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ ??ي لاءِ عالم سڳورن جو تمام اهم ڪر??ار آهي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو ??سلام جي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو ??ڄي دنيا ??ي لاءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسلمان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو سال اڳ اولهه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته اولهه ۾ مسلمان ته نه هئا پر اسلام تمام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسلمان ته تمام گهڻا آهن پر اسلام نه آهي، ماضي ۾ مسلمانن جي ڪر??ار کي ڏسي ماڻهو اسلام قبول ڪندا هئا پر بدقسمتي اس??ن ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي اس??ن کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم سڳورن کي ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ ??ي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اولهه ۾ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍي اسلامي دهشتگردي ۽ اسلامي انتهاپسندي جي اصطلاح اس??عمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ مسلمان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسلمان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو ??علق نه آهي، دين ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو ??علق نه آهي، اولهه ۾ ڪڏهن مسلمان ليڊرن پاران ان جي وضاحت نه ڪئي وئي.
پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا