بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دع??ت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??جب چين جي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن م??اقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن م??ڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان م??قعي تي وزيراعظم چين جي مش??ور ڪاروباري اڳواڻن، مش??ور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن م??اقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.
وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa