پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) سفارتي ۽ انساني حقن جي ماهرن پوري خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن کان پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فاشسٽ مودي حڪ??مت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت سان والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي غيرقانوني الحاق پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن کي جنسي حملن جو نشانو بڻايو ويو جتي ڪشميرين کي آزاداڻي چرپر، مواصلات ۽ آزادين سميت سمورن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. پاڪستان جي اڳوڻي سفير منظورالحق اي پي پي کي ٻڌايو ته ڀارت پاران والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جو غيرقانوني الحاق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي فاشسٽ مودي حڪ??مت پاران ڪيل اهڙي قسم جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم والاريل واديءَ جي تڪراري حيثيت کي نه ٿي بدلائي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشم??ر هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو هو ۽ ان جو غيرقانوني الحاق يو اين جي قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي، ڀارتي حڪ??مت جي 5 آگسٽ جي غيقانوني قدم پوري ڏکڻ ايشيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ٻن ائٽمي هٿيارن سان ليس پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير تي هڪ ٻي جنگ پوري خطي جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي، ڀارتي حڪ??مت پاران آرٽيڪل 370 کي ملتوي ڪرڻ آبادي جي ڍانچي سان گڏوگڏ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي برابر هو ۽ پاڪستان اهڙي قسم جي غيرقانوني قدمن تي خاموش نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته انهن غيرقانوني ڪاررواين نام نهاد سيڪيولر رياست جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت ۾ اقليتن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي جتي مسلمانن ۽ ڪشميرين کي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 جي خاتمي مظلوم ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي ڪڌي ارادن ۽ مودي حڪ??مت جي رياستي دهشتگردي جي ذريعي اقليتن کي محڪوم بڻائڻ جي توسيع پسنداڻي پاليسين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.
سفارتي ۽ انساني حقن جي ماهرن پاران پوري خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير بابت گڏيل قومن کان پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria