اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته واقعي جون حقيقتون قو?? آڏو آڻينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪستان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته واقعي جي جاچ رپورٽ اسان کي فوري طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه فوري پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پورو يقين ڏياريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ڪينيا جي صدر ان واقعي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن فيصلو ڪيو آهي ته ان واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي ??اء?? هاءِ ڪورٽ جي جج جي ??اء?? درخواست ڪنداسين، ان فيصلي جي ڪابينا کان پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي ??اء?? افسوس جوڳو آهي، قو?? کي يقين ڏياريان ٿو ته ان جي شفاف جاچ ٿيندي ۽ حقيقتون قو?? آڏو آڻينداسين.
وزيراعظم پاران ارشد شريف سان پيش آيل واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری