اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو ا??هار ڪيو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو ا??هار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. ??زي??اعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب ط??ب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي ??زي??اعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو ??زي??اعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون، زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil