اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل ٽن جدا جدا اپيل?? کي رد ڪندي شڪايت ڪندڙ?? کي 32 لک رپين کان وڌيڪ جا انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر عملدرآمد جي رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسٽيٽ لائيف ڄاڻي واڻي بيماريون لڪائڻ جي الزام تي پاليسي هولڊرز جي وارث?? کي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي ان لاءِ هو ٽنهي شڪايت ڪندڙ?? کي انشورنس ڪليمز جي ادائيگي ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽن شڪايت ڪندڙن بشمول ثمينه شهزادي، محمد محفوظ ۽ سيتا جي خاندان جي ماڻهن اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کان ترتيبوار 29 لک، 198290 ۽ 192000 رپين جون انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. پاليسي هولڊرز جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ لائيف شڪايت ڪندڙ?? کي موت جي بيمي جي ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شڪايت ڪندڙن ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سا?? رجوع ڪيو، جنهن انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر وٽ جدا جدا درخواستون داخل ڪيون، ج?? کي صدر رد ڪري ڇڏيو. شڪايت ڪندڙ ثمينه شهزادي جي معاملي ۾ صدر قرار ڏنو ته ان جي فوتي مڙس (محمد سعيد احمد) جي موت اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي دعويٰ جي ابتڙ دماغ جي ٽيومر سا?? نه پر ڪوويڊ 19 جي ڪري ٿي هئي. محمد محفوظ ج?? معاملي ۾ صدر نشاندهي ڪئي ته پاليسي ان جي ڀيڻ (چاند بي بي) کي 26.12.2018 تي جاري ڪئي وئي هئي ۽ اها پاليسي حاصل ڪرڻ جي 3 سا?? ۽ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 19.12.2021 تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اهڙي طرح سيتا جي معاملي ۾ قرار ڏنو ويو ته ان جي مڙس کي 31.12.2018 تي پاليسي جاري ڪئي وئي هئي جيڪو پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سا?? ۽ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ 17.03.2021 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انشورنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 موجب آرڊيننس جي شروعات جي تاريخ کانپوءِ لائيف انشورنس جي ڪنهن پاليسي تي ٻن سا??ن جو مدو ختم ٿيڻ کانپو??ِ سوال نه ٿو اٿاري سگهجي جڏهن ته انهن ٻنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسرن جي ڳجهي رپورٽس پاليسي جاري ڪرڻ وقت پاليسي هولڊرز کي صحتمند قرار ڏنو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽنهي معاملن ۾ اسٽيٽ لائيف پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، ان لاءِ ان جي اپيل?? کي رد ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري اسٽيٽ لائيف ٽنهي شڪايت ڪندڙ?? کي موت جي بيمن جي رقم ادا ڪري.
صدر پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران داخل اپيلون رد
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena