اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پاران فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي تازي اعلانن جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اه?? تازا اعلان فلسطيني عوام جي انهن جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آه??. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏنو آه?? جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل ق??من جي ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آه??، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته فلسطين کي گڏيل ق??من ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي پنهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.
پاڪستان جي آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا