اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) ۽ پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا پاڪستاني يونيورسٽين ۾ شاگرد?? جي مدد جي خدمتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ??هم اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، ان قدم جو مقصد شاگردن کي اڄ جي چٽاڀيٽي جي عالمي ماحول ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لاءِ ??روري مهارتن سان ڳنڍڻو آهي. يو ايس ايڊ جي هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽويٽي (ايڇ اي ايس ايس اي) ذريعي رٿيل ٽئين سالياني اجلاس ۾ پاڪستان مان 16 شراڪتدار يونيورسٽي?? جي 100 کان وڌيڪ عهديدارن ۽ استادن شرڪت ڪئي. چئن ڏينه?? جي س??گر??ي آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط شراڪتداري کي اجاگر ڪري ٿي. هي شراڪتداري سمورن پاڪستانين لاءِ معياري اعليٰ تعليم تائين رسائي ۾ واڌ لاءِ ???? جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان چئن ڏينهن واري س??گر??ي جي افتتاحي سيش?? جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر بشريٰ مرزا، ميمبر (آر اينڊ ڊي) ايڇ اي سي يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرائن سان گڏ ڪئي. ڊاڪٽر بشريٰ مرزا يونيورسٽي تي شاگرد?? جي احساس جو تعلق وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ شاگردن کي پنهنجي مستقبل جي تعين ۽ مستقبل ٺاهڻ لاءِ ??ااختيار بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته ان سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي موجودگي ۾ جامع ۽ مددگار ماحول پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو جتي هر شاگرد ترقي ڪري سگهي. يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر مورا اوبرائن پنهنجي خطابن ۾ ملازمتي صلاحيت?? جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته ملازمتي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏئي يونيورسٽي جي شاگردن کي پنهنجا پيشيوراڻا فرض سٺي نموني سرانجام ڏيڻ ۽ جديد افرادي قوت جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي امڪانن کي وڌائڻ لاءِ ??هتر طريقي سان تيار ڪري سگهي ٿي. هائير ايجوڪيشن سسٽم اسٽرينٿنگ ايڪٽوٽي جي س??گر??ي آمريڪي يوٽاه يونيورسٽي ذريعي لاڳو ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي پاڪستان ۾ هائير ايجوڪيشن ۽ 16 شراڪتدار يونيورسٽي?? جي مدد ڪري ٿي، ان جو مقصد پاڪستاني مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي تعليم ۽ تحقيق کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ??داره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. سربراهي اجلاس ۾ مالي امداد شاگرد?? جي قائداڻي ڪردار، شاگرد?? جي مائيڪرو انٽر پرائيزز، ڪيريئر جي تياري، اڳوڻن شاگردن سان رابطو ۽ ذهني صحت سميت 6 موضوعاتي شعبن جو احاطو ڪيو ويو جيڪي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادار?? جي مدد لاءِ ??روري آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي بهتري، استحڪام ۽ معياري تعليم ذريعي سمورن پاڪستانين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي جا پهريان ٻه ساليانا اجلاس شاگرد?? جي خدمتن ۽ مالي امداد جي ترقي تي ٻڌل هئا.
يو ايس ايڊ ۽ پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا پاڪستاني يونيورسٽين ۾ شاگردن جي مدد لاءِ خدمتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ