لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آهي، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو ر??گ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقليتن جي ڏينهن ??ي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت هر فورم تي آواز اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واضح هدايت آهي ته اسا?? اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقليتن جي حقن لاءِ هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، حڪومت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آهي، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان نمائندو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان ملي آهي، ڪنهن ٻئي مان نه. هن چ??و ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪري ته اسان اتي به انهن ??و حوصلو وڌائيندا آهيون ۽ انهن ??و آواز اٿاريندا آهيون. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هميشه رواداري جو پيغام ڏنو آهي. سموري?? اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آفيسرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آيا. اسان کي توهان تي فخر آهي، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جو?? اقليتون پائيندا باد. وفاقي وزير تقريب ۾ هڪ سک شاعر جو شعر به پڙهيو.
اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين: وفاقي وزير عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے