لاهور- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک يا??رين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ يا??رين جو جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ گذريل ڏينهن گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچي ويو. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله کوکر ٻڌايو ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ ??ي چيئرمين سيد عطالرحمان جي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ سک يا??رين لاءِ رهائش جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين سان روشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت يا??رين سان گڏ موجود آهن ۽ انهن کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سک يا??ري گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي سک يا??رين جي اعز??ز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق يا??ري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀا??ت واپس روانو ٿي ويندا.
سک ياترين جو گوردواره رهڙڪي صاحب جو دورو
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania