اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي صارفين جي لاءِ بجلي جي اگهن کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي بجلي جي پيداواري منصوبن جي حوالي ??ان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ گهٽ لاڳت بجلي منصوبن کي ئي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي جي شعبي ۽ خاص طور تي پهچ نظام تي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي پيداوار جي منصوبن جي لاءِ مقامي وسيلن کي ترجيح ڏني وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جا منصوبا گهٽ لاڳت بجلي جا اهڙا ذريعا آهن جن ??ان صارف کي ماحول دوست ۽ سستي بجلي فراهم ٿيندي. هن چيو ته بجلي جي موجوده صلاحيت کي پڻ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ ماحول دوست گهٽ لاڳ?? شمسي توانائي ??ان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت ملڪ آهي جو جتي شمسي توانائي جي وسيع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻارڻ ??ان گهٽ بجلي ٺاهيندڙ غيرموثر بجلي گهرن کي ختم ڪرڻ جي حوالي ??ان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وڌيڪ ٻارڻ ??ان گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ ??رسوده بجلي گهرن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اهڙن بجلي گهرن جي بندش ??ان نه رڳو ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ ??يمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر صارف جي لاءِ بجلي جي لاڳت پڻ گهٽ ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا سمورا آفيسر جيڪي بجلي شعبي جي سڌارن ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رهيا آهن، انهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، بجلي جي پهچ جي نظام ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، بجلي پهچ جي نظام کي عالمي معيار موجب جديد رخن تي قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته بجلي جي پيداواري لاڳت جي لحاظ ??ان گهٽ لاڳت بجلي جي چونڊ ۽ پهچ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي جلد عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي شعبي خاص طور تي پهچ نظام جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني وئي. ان دوران بجلي جي نئين تجويز ڪيل منصوبن، جاري منصوبن جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي جاري سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي بجلي جي موجوده طلب ۽ صلاحيت سميت درآمدي ٻارڻ ??ان هلندڙ بجلي گهرن جي تحليل ۽ پهچ نظام جي سڌارن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران بجلي جا اگهه وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ پيداواري منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش